پير محمد اسماعيل جان سرهندي

پير محمد اسماعيل جان سرهندي: پير محمد اسماعيل جان، پير محمد حسين جان سرهنديءَ جو وڏو فرزند هو، جنهن 1307هه/ 1889ع ۾ ضلعي حيدرآباد (هاڻي ٽنڊي محمد خان) ۾ موجوده ’ٽکڙ‘ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. 1312هه/ 1894ع ۾ کيس علامه يوسف جي مڪتب ۾ ويهاريو ويو، جتي هن قرآن پاڪ، عام سنڌي تعليم، فقهه ۽ فارسيءَ کان سواءِ شعر و شاعريءَ ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪيائين. عربي علامه اسدالله شاهه ’فدا‘ وٽ پڙهيو، 20 سالن جي عمر ۾ شادي ڪيائين ۽ ٻن سالن بعد عيال سميت پهرين حيدرآباد، پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ ان بعد ٿر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ ٽکڙ مان هڪ علمي، ادبي ۽ ديني رسالو ’الاصلاح‘ به جاري ڪيائين ۽ ڪيتري وقت تائين انهيءَ رسالي جي ذريعي ديني ۽ ادبي شعور پيدا ڪندو رهيو، هن ڪجهه ڪتاب به لکيا، جن ۾ ’خطبات روشن‘ (سنڌي خطبا)، ’انشاءِ روشن‘ (فارسي مضمونن جو مجموعو)، ’جواهر نفسيه‘ (فارسي) ذڪر جوڳا آهن. سنڌي، اردو، عربي، فارسي ۽ پشتو ۾ شاعري ڪيائين. 63 سالن جي ڄمار ۾ 1361هه/ 1942ع ڌاري وفات ڪيائين. ’مقبري شريف‘ ٽکڙ ۾ پنهنجي ڀاءُ محمد يعقوب جان جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.00.00  عيسوي

پير محمد اسماعيل جان سرهندي 1307هه/ 1889ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو


1942.00.00  عيسوي

پير محمد اسماعيل جان سرهندي 1361هه/ 1942ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش آلو
بابا رامداس
فضل الرحمٰن ميمڻ
جمشيد ٽاٽا
تهذيب السلام رضوي
ڀائي ولايت راءِ
سيٺ نانڪرام
ڄام چينو
شيخ علي سيوستاني
جانڻ سونارو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون